ڊرگ روڊ

ڊرگ روڊ: ڊرگ روڊ جي ريلوي اسٽيشن ڪراچيءَ ۾ آهي، جيڪا شروع ۾ ڪراچيءَ کان 19 ڪلوميٽر پري هئي. اها شروعاتي اسٽيشن هاڻي ڪراچي شهر جي حدن ۾ ديهه ڊرگ ۾ آهي. هي ڪراچيءَ جي هڪ مشهور شاهراهه جو پراڻو نالو آهي، جنهن کي گھاري وارو گس پوءِ ڊرگ روڊ سڏيو ويو ۽ اُن جو هاڻوڪو نالو شاهراهه فيصل آهي. ڊرگهه ديهه جون حدون ناٿا خان پنهور ڳوٺ کان شروع ٿي ريلوي لائين جي ڪناري سان هلندي گسري تائين وڃن ٿيون. ٻئي پاسي هن ديهه جون حدون ملير نئن جي ساڄي ڪپ کان جناح اسپتال ويجھو گورا قبرستان تائين آهن. پهرئين مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ هن ديهه جي حدن کي فوجي علائقي ۾ تبديل ڪيو ويو. 1940ع ۾ قائم ڳوٺن کي اٿاريو ويو. ناٿا خان ڳوٺ ڊرگ روڊ ريلوي اسٽيشن لڳ نقشي ۾ هڪ پوچ ويم گھر ۽ پوليس لائين ڏيکاريل آهن، جيڪي اڄ به موجود آهن. هڪ آبادي ڊرگ ڪالونيءَ نالي به آهي. هڪ انگريز فوجي آفيسر ڊرگ جي نالي پويان هن ديهه ۽ رستي جو نالو ڊرگ روڊ رکيو ويو هو.


لفظ ڊرگ روڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو